ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا وديا بالن ۽ اداڪار عمران هاشمي پنهنجي نئين فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪيپ ٽائون ويندا، ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ جون ۾ شروع ٿيڻي هئي پر ڪنهن سبب جي ڪري آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي هئي، ان فلم جي شوٽنگ جو پهريون شيڊول ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ڀرايو ويندو ۽ ان کان پوءِ فلمي سيٽ دبئي منتقل ٿيندو، فلم جي ڪهاڻي فلمساز مهيش بٽ جي حياتي تي لکيل آهي.