اسلام آباد (بيورو) آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آچر تي ڪابل ۾ افغان صدر ڊاڪٽر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ سميت امن امان ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، افغان صدارتي محل مان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو ته آچر جي منجهند ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي ۽ انتهاپنسدي خلاف جنگ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪوششن، پاڪ افغان لاڳاپا، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي مضبوطي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پشتون بيان ۾ جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا آهن.