بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان پاران وفاقي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد(م.ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قانونسازي جي معاملي تي وفاقي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نيب، اليڪشن سڌارن ۽ ٻين معاملن  تي قانونسازي بابت حڪومت پاران پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل تجويزن جي مخالفت ڪئي ويندي، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو، جتي مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سندن پرجوش آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ٿيڻ ۽ حڪومت جي قانونسازي واري ايجنڊا سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات کانپوءِ ميڊيا کي گڏيل بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن جماعتن اتحاد جو مظاهرو ڪندي وفاقي سرڪار کي نيب جي قانونن، اليڪشن سڌارن ۽ ٻين معاملن تي هڪ طرفي قانونسازي کان روڪي ورتو ۽ حڪومت کي شڪست ملي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جا ٿورائتا آهيون جنهن ان عرصي دوران اپوزيشن جماعتن کي متحد رکڻ ۽ حڪومت خلاف سرگرم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. بلاول چيو ته اسان سڀ گڏجي جمهوري انداز ۾ هن حڪومت کي ناڪام بڻائي سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت واري معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جعلي مينڊينٽ واري هن حڪومت کي آئيني تسليم نه ٿا ڪيون، تنهن ڪري اهڙي حڪومت جي ڪا به قانونسازي به اسان کي قبول نه آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار جعلي عددي اڪثريت ظاهر ڪندي جيڪڏهن قانون منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ان کي آمراڻو قدم قرار ڏينداسين ۽ اهڙي قانونسازي جي ڪا حيثيت نه هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن جي اتحاد سبب وفاقي حڪومت کي ڀڄڻو پيو ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته خبر نه آهي ته حڪومت هاڻي اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه خريد ڪندي، پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم سان اختلافن ۽ ماضيءَ جي ڪردار بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان وٽ مهمان ٿي آيو آهي، تنهن ڪري هن موقعي تي اهڙي ڪا به ڳالهه ڪرڻ نه ٿا چاهيون جيڪا مهمانداري جي روايتن جي خلاف هجي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *