نيويارڪ(شوبز نيوز): آمريڪي فلم اسٽوڊيو سوني پڪچرز تڪراري فلم دي انٽرويو رليز ڪري ڇڏي آمريڪا ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ ڇڪتاڻوڌائيندڙ تڪراري فلم کي آخرڪار ڪرسمس جي موقعي تي 3 سئو جاين تي رليز ڪيو ويو آهي دي انٽرويو اتر ڪوريا جي حڪمران ڪم جونگ آن جي قتل جي موضوع تي ٺاهي وئي آهي هي فلم ٺاهڻ تي سوني پڪچرز جي ويب سائيٽ هيڪ ڪئي وئي هئي ۽ گذريل ڏينهن ساڍن 9 ڪلاڪن تائين اتر ڪوريا ۾ به انٽرنيٽ سروس معطل رهي هئي.