شڪيب الحسن بنگلاديش کي تاريخي ڪاميابي ڏياري ڇڏي

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2019 جي 23هين ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ٽائونٽن ۾ ويسٽ انڊيز طرفان مليل 322 رنسن/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06

جو هدف بنگلاديش ٽن وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 41.3 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.بنگلاديش طرفان تجربي ڪار بيٽسمين شڪيب الحسن بهترين بيٽنگ ڪندي رڳو 99 بالن تي 124 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، سندس اننگز ۾ 16 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته لٽن داس 69 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 94 رنسون ٺاهي ويسٽ انڊين بالرن کي ڀرپور ڪُٽڪو ڏنو. آئوٽ ٿيندڙ رانديگرن ۾ تميم اقبال 48، سوميا سرڪار 29 ۽ مشفق الرحيم هڪ رنس ٺاهي.ويسٽ انڊيز طرفان آندري رسل ۽ اوشاني ٿوماس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.ان کان اڳ ويسٽ انڊين ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 321 رنسون ٺاهيون.شائي هوپ 96، ايون ليوس 70، هٽميئر 50 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.بنگلاديش طرفان محمد صيف الدين ۽ مستفيض الرحمان 3-3، جڏهن ته شڪيب الحسن 2 شڪار ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *