لاهور(اسپورٽس نيوز) هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ادريس عادل اداڪار راجه طارق ۽ ڪيترين ئي ماڊلز سان گڏ پاڪستان ۽ ڀارت جي مشهور گانن تي ٻڌل وڊيو تيار ڪري ورتي. ان وڊيو کي مختلف ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي رليز ڪيو ويندو. ادريس عادل ٻڌايو ته راجه طارق جي شڪل ليجنڊ اداڪار محمد علي سان ملي ٿي ۽ سندس تعلق جهلم شهر سان آهي. هن وڏي محنت سان پنهنجي پسنديده اداڪار محمد علي جي مٿان پڪچرائز ڪيل گانن جي وڊيو ٺهرائي.