نواز شريف ”ميري عزيز هم وطنو“ وارن کان 10 ڀيرا بهتر آهي : آصف زرداري

لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هڪ بگهڙ اسلام آباد ۾ تنبو لڳائي آلودگي پکيڙي رهيو آهي، نواز شريف ”ميري عزيز هم وطنو“ وارن کان 10 ڀيرا بهتر آهي. لاهور ۾ پيپلز پارٽي جَي يوم تاسيس واري تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري، ڪپتان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هڪ بگهڙ گاديءَ واري شهر ۾ تنبو کوڙي آلودگي پکيڙي رهيو آهي. آصف زرداري چيو ته سياستدانن کي سوچي سمجهي هلڻو پوندو،ڪپتان ڀلي بالنگ ڪرائي وٺي کين ڪا تڪڙ ناهي،عمران خان ننڍڙي سوچ جو مالڪ آهي،نواز شريف کي ڪيرائڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي. آصف زرداري واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي چاهي ته وزيراعظم کي ڪيرائي سگهي ٿي پر نواز شريف ”ميري عزيز هم وطنو“ وارن کان 10 ڀيرا بهتر آهي. اڳوڻي صدر چيو ته جمهوريت لاءِ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به جماعت قربانيون ناهن ڏنيون. پ پ جي يومتاسيس تقريب دوران گو نواز گو ۽ رو عمران رو جا نعرا پڻ لڳا، جنهن تي آصف زرداري چيو ته ڀلي ڪهڙا به نعرا لڳايا وڃن،کيس سڀ سٺا لڳندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *