اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته نواز شريف نااهلي بعد به درست رستو اختيار نه ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ڪرپشن هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ڪرپشن ۾ اڪثر اهي ماڻهو ملوث آهن، جيڪي وڏن عهدن تي آهن، هن چيو ته نواز شريف ڪرپٽ سسٽم جو سڀ کان موثر حصو هيو، نواز شريف کي سزا ملڻ سان اميد آهي ڪرپشن ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي.