مصباح الحق جو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ خال ڀرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي: وسيم اڪرم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته مصباح الحق جو خال ڀرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، هن پاڪستان جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته اسان جي ڪرڪيٽ ۾ رانديگر کي الوداع ڪرڻ جي روايت تبديل ٿي آهي، جيڪو سٺو عمل آهي، اهو فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مصباح الحق جي گڏيل رضامندي سان ٿيو. هن چيو ته هن وقت سڄي پاڪستان کي مصباح الحق کي خدا حافظ ڪرڻ گهرجي، هن ٽيم کي نازڪ مرحلن مان ڪڍيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *