اداڪاره ريما کي آمڪرين ابروڊ ميڊيا ايوارڊ سان نوازيو ويو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاراه ريما جي فلم انڊسٽري ۾ خاص خدمتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان ڪميونٽي لاءِ ڪم ڪرڻ تي آمريڪن ابروڊ ميڊيا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي ان سلسلي ۾ آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آمريڪي ڪميونٽي سان گڏوگڏ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي واضح رهي ته هن کان اڳ گذريل سال ڀارتي اداڪار عامر خان کي سندس ڪارڪردگي تي هي ايوارڊ ڏنو ويو هو ريما پاڪستان جي پهرين عورت اداڪاره ۽ هدايتڪاره آهي جنهن کي هن ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *