هندن لاءِ شادي جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار، ملڪ ۾ هندو ميرج قانون لاڳو ٿي ويو

صدر ممنون حسين هندو ميرج بل تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ هاڻي هندو ميرج بل کي قانوني شڪل ملي وئي، ميڊيا موجب وزير اعظم نواز شريف جي تجويز تي صدر ممنون حسين هندو ميرج بل تي صحيح ڪري ڇڏي، هاڻي هندو ميرج بل کي قانوني شڪل ملي چڪي آهي، وزير اعظم جو چوڻ آهي ته اقليتي برادري هڪ جهڙي ئي محب وطن آهي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، حڪومت هندو آبادي وارن علائقن ۾ شادي رجسٽرار مقرر ڪندي. وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي برابر حق حاصل آهن، حڪومت پاڪستان جي هر شهري لاءِ هميشه برابر حقن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو آهي، انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. حڪومت هندو آبادي وارن علائقن ۾ شادين کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ رجسٽرار مقرر ڪندي، اهو قانون هندو برادري کي شادي ۽ عليحدگي بابت حق فراهم ڪندو، جڏهن ته زال ۽ ٻارن کي به مالي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، اهو قانون هندو برادري ۾ ٿيندڙ شادين ۽ ٻين خانداني معاملن ۾ قانوني تحفظ فراهم ڪندو،

27 سيپٽمبر 2016ع تي هندو ميرج بل 2017 انساني حقن واري وفاقي وزير ڪامران مائيڪل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ 18 فيبروري 2017ع تي اهو بل سينيٽ ۾ وزير قانون زاهد حامد طرفان پيش ڪيو ويو هو، جنهن تي معمولي اعتراض اٿاريا ويا هئا ۽ ڪجهه ترميمن سان ان کي منظور ڪيو ويو هو. سينيٽ طرفان ڪيل ترميمن جي قومي اسميبلي مان منظوري لاءِ ترميم ٿيل هندو ميرج بل 2016ع کي 9 مارچ 2016 تي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ اماڻيو ويو هو ۽ ايوان ان جي منظوري ڏني هئي، جنهن بعد صدر جي صحيح باقي رهيل هئي، جيڪا ڪري صدر ان بل کي قانون جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي. بل ۾ عليحدگي اختيار ڪندڙ هندو جوڙن کي ٻيهر شادي جي اجازت ڏني وئي آهي، بل جي شق 17 موجب هندو بيواهه عورتن کي پنهنجي مرضي سان ٻيهر شادي ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، تنهن هوندي به ضروري آهي ته انهن جي مڙسن جي فوت ٿيڻ کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا گذري چڪا هوندا. قانون جي خلاف ورزي تي ڏوهن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي هندو خاندان لاءِ شادي جو سرٽيفڪيٽ شادي پرت رکڻ لازمي هوندو، ڇوته هندو برادري ۾ شادي کي ڪنهن قانوني دستاويز سان ثابت نه پيو ڪري سگهجي. اهو هندو ڪميونٽي لاءِ ملڪ جو پهريون قانون آهي، جيڪو پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي ڪي پي ۾ قابل عمل هوندو، ڇوته سنڌ اسيمبلي ان کان اڳ ئي هندو ميرج جو ڌار قانون متعارف ڪرائي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *