مشرف دور ۾ (ن) ليگ جن ٺهرائن جي مخالفت ڪئي هاڻي اهي پاڻ پاس پئي ڪرائيُ: مولانا فضل الرحمان

ڪوئٽا (م.ڊ) مولانا فضل الرحمان عورتن جي تحفظ واري بل تي چپ نه ڪري سگهيو،پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي زالن جو مُريد به چئي ڏنو.سندس چوڻ هو ته ڊگهو ويڪرو قانون ٺاهڻ جي ڪهڙ ضرورت هئي،بس اها ترميم ڪجي ها ته هاڻي زال کي مُڙس ۽ مُڙس کي زال چيو وڃي.ڪوئٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڊگهو ۽ ويڪرو قانون ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي بس هڪڙئي ترميم ڪري ڇڏيو ها ته هاڻي زال کي مُڙس ۽ مُڙس کي زال چيو وڃي.جي يو آئي (ف) سربراهه جو چوڻ هو ته مشرف جي دور ۾ (ن) ليگ اهڙن ئي ٺهرائن جي مخالفت ڪئي  هئي پر هاڻي پاڻ ئي مشرف کان ٻه قدم اڳتي وڃي پئي،حڪمرانن قرآن ۽ سنت مطابق قانون سازي نه ڪرڻ جو قسم کينو آهي،سندس چوڻ هو ته مشرف دور اڃا پري ناهي ويو،جن ٺهرائن جي (ن)ليگ مخالفت ڪئي انهن کي پاڻ پاس ڪرائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *