پ پ قيادت جا الزام…..

آصف علي زرداريءَ پنهنجي بيان ۾ نه رڳو سنڌ اندر نيب ۽ ايف آءِ  جي ڪاررواين تي اعتراض واريو آهي پر چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف لڳي ٿو ته ماضيءَ مان سبق ناهي سکيو ۽ حقيقي دشمن کي تنگ ڪرڻ بدران پيپلزپارٽي ۽ ٻين سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، هن چيو آهي ته حڪومت طالبان ۽ دهشت گردن کي بچائڻ لاءِ قوم کي ورهائي رهيو آهي. سندس اهو به چوڻ هو ته 2013ع وارين  عامُ چونڊن جي نتيجن کي جمهوريت خاطر قبول ڪيو ۽ اهو ته اسان انهن مان ناهيون،جيڪي معافي وٺي جدي ڀڄي وڃن. آصف علي زرداريءَ جو هيءُ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ قاسم ضيا جي گرفتاري توڙي سينيئر پارٽي اڳواڻن سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ رد عمل طور سامهون آيو آهي. چوندا آهن ته”بدترين جمهوريت به بهتر آمريت کان بهتر آهي“.سو بهتر آمريت کان اُها بدترين جمهوريت به فقط ان صورت ۾ قائم رهي سگهندي، جڏهن سياسي ڌرين ۾ ايڪو ۽ اتحاد هُجي. زرداري صاحب 90ع واري جنهن ڏهاڪي جي ڳالهه ڪئي آهي، سوگذري گهڻو عرصو به ناهي ٿيو، جو ماڻهن کي ياد نه هجي. ٽڪراءَ ۽ ڄنگهون ڇڪڻ واري سياست جو ان وقت نتيجو اهو نڪتو هو جو ڪا به عوام جي چونڊيل حڪومت هڪ ته مدو پورو ڪري نه سگهي هئي، ٻيو ته سياسي جماعتن جي نابالغيت سبب ٽين قوت لاءِپ پ ۽ نواز ليگ جي 1988ع کان 1999ع تائين جي مختصر چئن حڪومتي دورن ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو، سو 12 آڪٽوبر 1999ع تي سڌي مارشلا ذريعي ڀريو ويو. ان مارشلا جي نتيجي ۾ ملڪ باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪيترو پٺتي رهجي ويو تنهن جو ڪو ليکو چوکو ئي ڪونهي ۽ نه ئي وري ان جو ڪو حساب ڪتاب ٿي سگهي ٿو، ڇو جو هتي پڇاڻو فقط سول حڪمرانن کان ٿيڻ جي جو روايت رهي آهي. لنڊن ۾ ملڪ جي مڙني سياسي ڌرين، خاص ڪري مخالف ڌر جي ٻن وڏين سياسي جماعتن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز ۾ ان وقت لنڊن ۾ ”ميثاقِ جمهوريت“ نالي جيڪو ٺاههُ ٿيو هو، تنهنڪري هڪ معتبر سياسي معاهدو ڪوٺڻ غلط نه ٿيندو. هن معاهدي جي نتيجي ۾ ملڪ اندر ميچوئر سياست جنم  ورتو، جنهن جو ثبوت لاڳاپن ۾ تلخين، مختلف نظريا ۽ منشور هئڻ باوجود گذريل پ پ سرڪار (13-2008) جو  آئيني مدو پورو ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ ارڙهين آئيني ترميم تحت حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل صلاح مشورن سان نگران سيٽ اپ قائم ڪري چونڊون ڪرائڻ هو. اهي چونڊون ٿيون ۽ انهن کانپوءِ اقتدار  مخالف ڌر جي جماعت نواز ليگ حوالي ٿيو. اقتدار جي پرامن منتقلي يعني هڪ جمهوري سرڪار جي جاءِ تي ٻي چونڊيل جي اچي جاءِ والارڻ جو تجربو به پهريون ڀيرو هن ملڪ جي واسين کي ٿيو هو. ڪرپشن خلاف ڪارروائي تي ڪا به ٻي راءِ نه هئڻ گهرجي پر اها به بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ٿيڻ گهرجي، جنهن مان انتقام جي بوءِ نه اچي، پ پ ۽ مسلم ليگ نواز سياسي جمهوري نظام جو تسلسل برقرار رکڻ ۾ هڪٻئي جون ٻانهن ٻيلي پئي رهيون آهن، تنهنڪري انهن کي اهڙي ڪنهن به اُٻهري عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان جمهوريت کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو ٿئي. ٻيو ته سياسي ڌرين کي به طئي ڪرڻ گهرجي ته کين هاڻي سياست ”سياست عبادت آهي“ واري اصول تحت ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر، کين طئي ڪرڻ گهرجي ته اهي آئيينده پنهنجي صفن ۾ ڪي به ڪرپٽ ۽ بي ايمان عنصر برداشت نه ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *