ايف آءِ اَي حڪومت جي مرضيءَ کانسواءِ ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي، دهشتگردي جو الزام برادشت جوڳو ناهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، مبينا ڪرپشن جي 8 ڪيسن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ستن ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي،اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اَي حڪومت جي مرضيءَ کانس واءِ ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي،پ پ تي ڪو به الزام لڳي سگهي ٿو پر دهشتگردي جو الزام برادشت جوڳو ناهي، آصف زرداري برداشت جي حد ختم ٿيڻ بعد سخت بيان ڏنو آهي. يوسف رضا گيلاني اڄ صبح ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ مبينا ڪرپشن جي 8 ڪيسن ۾ سينٽرل جج ڪراچي طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽس خلاف پنهنجي وڪيل ملڪ جاويد اقبال معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي. اڳوڻي وزيراعظم موقف اختيار ڪيو ته مبينا ڪرپشن ڪيسن ۾ وفاقي جاچ اداري سندس گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا آهن،حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي ته جيئن هـُو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي سگهي. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نور الحق قريشي درخواست جي ٻڌڻي. عدالت هڪ – هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 7 ڏينهن لاءِ يوسف رضا گيلاني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته هـُو به حڪومت ۾ رهي چڪو آهي، ايف آءِ اي حڪومت جي مرضي کانسواءِ ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي تي ڪو به الزام لڳي سگهي ٿو پر دهشتگرديءَ جو الزام برادشت جوڳو ناهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري برداشت جي حد ختم ٿيڻ بعد سخت بيان ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن اڳ وارن ڪيسن لاءِ ضمانتي درخواست داخل ڪرائي ته ان دوران مٿس هڪ ٻيو ڪيس ٺاهيو ويو جنهن جي ضمانت لاءِ هـُو سڀاڻي درخواست ڏيندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته پهريان به وڏا ڪيس سامهون آيا، جن 10 سال جيل ڪاٽي پر سندس حڪومتي دور ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو. هن چيو ته پوليس سامهون ڏنل بيان جي ڪا اهميت ناهي هوندي، اعترافي بيان اهو هوندو آهي جيڪو عدالت ۾ ڏنو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي عدالتن جو احترام ڪري ٿي،آصف زرداري سميت هزارين ڪارڪن عدالتن ۾ پيش ٿيا آهن، اميد آهي ته عدالت انصاف فراهم ڪندي. يوسف رضا گيلاني چيو ته ميثاق جمهوريت تي 85 سيڪڙو عمل هن ڪرايو ۽ نون ليگ 15 سيڪڙو ان تي عمل ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، حڪومت کي اهڙا ڪيس ٺاهڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني قانون جو احترام ڪري ٿو، داخل 21 ڪيسن ۾ ساڳيو الزام لڳايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *