400 وڪيٽون ڪرڻيون آهن، مهرباني ڪري ڪيچ پڪڙجان، آفريدي جي عمر اڪمل کي اپيل

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)شاهد آفريدي عمل اڪمل کي منٿن تي لهي آيو هن چيو ته عمرا اڪمل کي سندس ون ڊي ۾ 400 وڪيٽون پوري ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي هڪ، ٻه نه هن ورلڊ ڪپ ۾ هر ڀيري ئي ايئن ٿيو عالمي ڪپ جي هر ميچ ۾ عمر اڪمل معمول مطابق شاهد آفريدي جي ڪيرايل بال تي ڪيترائي ڪيچ ڊراپ ڪندي نطر آيو ويچاريو بوم بوم آفريدي ان صورتحال ۾ وڪيٽ ڪيپر عمل اڪمل کي منٿون ڪرڻ تي لهي آيو شاهد آفريدي جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اڃان 393 وڪيٽون آهن ٽورنامينٽ جي شروعات کان اڳ ان کي اميد هئي ته هو هڪ ٻن مقابلن ۾ ئي 400 وڪيٽون حاصل ڪري وٺندو پر هاءِ ڙي قسمت هو ٽن ميچن ۾ هڪ به شڪار ناهي ڪري سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *