1995ع کان 2014 تائين پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي پوزيشن مضبوط

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊن ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچن ۾ کٽڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن مضبوط آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 1995ع کان وٺي 2014ع تائين هاڻوڪي سيريز جي پهرين ٽيسٽ تائين 51 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون، جنهن ۾ پاڪستان 24 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ 7 ميچون کٽيون، 20 ميچون ڊرا ٿيون، پاڪستان ٽيم سيريز کان پهرين تائين مختلف ٽيمن جي وچ ۾ 384 ٽيسٽ ميچون کيڏيون اهن، جنهن مان 120 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، 109 هارايون ۽ 155 برابر ٿيون، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 1930 کان وٺي 2014ع تائين دنيا جي مختلف ٽيمن جي خلاف 394 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، 77 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، 159 هارايون ۽ 150 ڊرا ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *