1992ع ورلڊ ڪپ ۾ تاريخي فتح، ايندڙ سال شيڊول عالمي ڪپ ۾ گرين شرٽس لاءِ مددگار ثابت ٿيندو: وجاهت الله واسطي

اسلام آباد(اسورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو اوپننگ بيٽسمين وجاهت الله واسطي چيو آهي ته 1992ع ۾ ورلڊ ڪپ جي تاريخي فتح ايندڙ سال شيڊول ميگا ايونٽ دوران گرين شرٽس لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. 1992ع ۾ پڻ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ گڏيل طور تي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪئي هئي. ان لاءِ عالمي ڪپ سان ٽيم جون يادون لاڳاپيل آهن. خواهش آهي ته هن ڀيري پڻ ان روايت کي سامهون رکندي ٻيو ڀيرو پڻ عالمي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ڪيون. هن چيو ته هو پراُميد آهي ته قومي ٽيم روايتي مخالف ڀارت خلاف شروعاتي ميچ کٽي ڪري ميگا ايونٽ جي شاندار شروعات ڪندا. هن چيو ته ورلڊ ڪپ جي هر ميچ کانپوءِ اسان کي نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو ايونٽ هر چار سالن کانپوءِ منعقد ٿيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *