17هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي فائنل ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي سونو ٻلو کٽي ورتو

Incheon_2014_Asian_Games_logo.svgانچيون (اسپورٽس نيوز) 17هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي فائنل ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي پينالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي شڪست ڏئي سونو ٻلو کٽڻ سميت 2016ع وارن اولمپڪس رانديل لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي شهر انچيون ۾ کيڏيل ايشين گيمز جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون مقرر ڪيل وقت ۾ فقط هڪ هڪ گول ڪري سگهيون، تنهن بعد فائنل ميچ کي پينالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي فيصلائتو بڻايو ويو. پينالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ڀارت 4 جڏهن ته پاڪستان فقط 2 گول ڪري سگهيو. جڏهن ته ميچ جي شروعات ۾ پاڪستان جي محمد رضوان پهرين هاف جي ٽئين منٽ ۾ گول ڪري پاڪستان کي ڀارت تي وقتي سرسي ڏياري جيڪا ڀارت جي رانديگر ٻئي هاف ۾ گول ڪري ختم ڪري ڇڏي. جڏهن ته ميچ جي ٽئين ۽ چوٿين هاف ۾ هڪٻئي جي گول پوسٽن تي لاڳيتو حملا ڪيا ويا پر مقرر وقت ۾ ٻئي ٽيمون فيصلائتي سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويون، ان لاءِ ميچ جو فيصلو پينالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو. جنهن ۾ پاڪستان فقط 2 ۽ ڀارت 4 گول ڪري فائنل کٽي ورتي ۽ ان سان گڏ 2016ع وارين اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ به ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ پاڪستان کي چانديءَ جو ٻلو ڏنو ويو. ٻئي طرف باڪسنگ ايونٽ ۾ پڻ پاڪستاني باڪسر محمد وسيم ازبڪستان جي شڪو بدين زويئر کان هارائجي ويو، سيمي فائنل هارائڻ تي محمد وسيم ڪنجھي جو ٻلو ماڻيو. ان کان اڳ ڪوڏي ڪوڏي ۾ هارائڻ تي پاڪستاني ٽيم کي به ڪنجھي جو ٻليو هو ان سميت پاڪستان هڪ وٽ سوني ٻلي سان ٻلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *