15 سال پراڻيون اٽڪلون آزمائي رينڪنگ ۾ بهتري نه ٿي آڻي سگھجي: رميز راجا

لاهور (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا پاڪستان جي ون ڊي ٽيڪنڪ کي پراڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته 15 سال پراڻيون اٽڪلون آزمائي رينڪنگ ۾ بهتري نه ٿي آڻي سگھجي. هڪ انٽرويوءَ ۾ رميز راجا چيو ته اسان پراڻي ٽيڪنيڪ تي لاڳيتو عمل ڪري عالمي ون ڊي رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن تي اچي پهتا آهيون. اڄ ڪلهه ڪرڪيٽ ۾ اننگن جي شروعات کان آخر تائين رنسن جي رفتار رکڻي پوندي آهي. پر اسان ان ئي پراڻي طريقي تي عمل ڪندي ان ڳالهه جي انتظار ۾ هوندا آهيون ته آخري 10 اوورن ۾ ئي 100 رنسون ٺاهي ٽارگيٽ بهتر ڪيون. اڳوڻي ڪپتان چيو ته گال ٽيسٽ ۾ سرفراز احمد ڏکئي وقت ۾ بيٽنگ ڪندي به جارحاڻو انداز اپنايو ۽ رنسن جي رفتار ۾ فرق نه اچڻ ڏنو، هن اهڙو پليٽ فارم ڏنو جو هڪ ڏينهن زيان ٿيڻ باوجود ميچ جو فيصلو ٿي ويو. اها ئي ٽيڪنڪ پاڪستان کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ به اپنائڻي پوندي. رميز راجا چيو ته کٽڻ جو سفر جاري رکڻ لاءِ سپر فٽ رانديگرن جي به ضرورت پوندي آهي، پر ان مامري ۾ به گرين شرٽون تمام پوئتي آهن. 10 سالن کان انفرا اسٽرڪچر لاءِ ڪجھه نه ڪرڻ جو نتيجو هاڻي ڀوڳي رهيا آهيون، نئون ٽيلينٽ سامهون نه پيو اچي، جيڪو موجود آهي ان کي به ڪيترائي مسئلا آهن. هن چيو ته گراس روٽ سطح تي مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، بائيو مڪينڪ ليب فعال ٿيڻ سان ڪجھه مدد ملي ها. اهو منصوبو به مڪمل نه ٿيو. اصل ۾ پي سي بي ۾ جرئتمنداڻن فيصلا ڪرڻ وارا عهديدار ناهن. ان جي لاءِ حالتون بهتريءَ طرف نه پيون وڃن. موجوده صورتحال ۾ پريمئير ٽي ٽوئنٽي ليگ جو پاڪستان ۾ ٿيڻ سخت ضروري آهي. ملڪ ۾ ايوينٽ ٿيڻ سان نئين ٽئلينٽ جي حوصلا افزائي ۽ نوجوانن جون صلاحيتون نکارڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *