ڳڙهي خيرو جي تعلقه اسپورٽس يونين  پاران سي آءِ اي پوليس خلاف مظاهرو

ڳڙهي خيرو(آسپورٽس نيوز) ڳڙهي خيرو فٽبال ٽيم جا رانديگر بلوچستان جي مخلتف شهر پشين، سوراب، ڪوئٽا ۾ ميچ کيڏڻ بعد ڪوئٽا مان خريداري ڪري  واپس ڳڙهي خيرو  اچي رهيا هئا ته ڳڙهي خيرو جي سي آءِ اي پوليس رانديگرن کي سيف الله شاخ پل وٽ روڪي ورتو. پوليس رانديگرن جي جھڙتي بهاني سامان گاڏي مان لاهي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو. چيڪنگ بهاني پوليس رانديگرن جي سامان جو وڏو حصو گم ڪري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي اڍنگي رويي ۽ سامان جي چوري ڪرڻ خلاف ڳڙهي خيرو جي تعلقه اسپورٽس يونين  پاران سي آءِ اي پوليس خلاف مظاهرو ڪيوويو. مظاهري جي اڳواڻي محمد حيات، واجد لهر، محمد علي ٻٻر،يحيٰ بروهي ۽ عبدالنبي ميرالي ڪري رهيا هئا.مظاهري ۾ فٽبال جي رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي واجد لهر ۽ ٻين چيوته سي آءِ اي پوليس اسان سان ڏوهارين وارو سلوڪ ڪندي اسان جي تذليل ڪئي آهي. هنن چيو ته رانديگر امن ۽ شهر جا سفير هوندا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان جي تذليل ڪندڙ ۽ سامان غائب ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي .ٻئي طرف اهڙي خبر پوڻ بعد سي آءِ اي انچارج ذوالفقارعلي عمراڻي ميڙ وٺي تعلقه اسپورٽس يونين جي اڳواڻن وٽ پهچي معافي ورتي. تعلقه اسپورٽس يونين ملوث اهلڪارن جي بدلي تائين کائنس ڳالهين کان انڪار ڪندي کيس واپس ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *