گھوٻين جي خاتمي لاءِ سڄي دنيا جي سينيئر ڪرڪيٽرن کي اڳتي آڻڻ گھرجي: باسط علي

پشاور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط عليءِ جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي طرفان ميچ فڪسنگ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيل سيل صرف ڏيکاءُ آهي، سيل ۾ شامل ماڻهو ڪرڪيٽ جي ڌوڪن کان اڻ واقف آهن، گھوٻين جي خاتمي لاءِ سڄي دنيا جي سينيئر ڪرڪيٽرن کي اڳتي آڻڻ گھرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ خابرو اداري سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته مون ۽ راشد لطيف هڪ ئي ڏينهن تي رٽائر ٿيا هئاسين ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميچ فڪسنگ جو انڪشاف ٿيو هو، ان کان اڳ دنيا جي ماهرن کي فڪسنگ بابت ذري برابر به ڄاڻ نه هئي، هن جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن سيل جو ٺهڻ خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي پر ان جا نتيجا ڏور رس ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *