گولڊن ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اڄ کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ گولڊن ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ (اڄ) سومر کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ شروع ٿيندو. پهرين فيبروري تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان 12 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان م لهنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڪراچي ڊولفن، نيشنل بئنڪ، پشاور پينٿرز، راولپنڊي ريمز، سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جڏهن ته گروپ بي ۾ اسلام آباد لپرڊز، ڪراچي زيبراز، خان ريسرچ ليباريٽريز، لاهور لائنز، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جون ٽيمون شامل آهن. ايونٽ جي شروعاتي ڏينهن گروپ اي ۽ بي ۾ مجموعي طور تي 6 ميچون ٿينديون. ايونٽ جا سيمي فائينل 29 ۽ 30 جنوري جڏهن ته فائينل پهرين فيبروري تي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *