گهڻي عرصي تائين عالمي ڪرڪيٽ کان پري رهڻ ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو: سعيد اجمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)شڪي بالنگ ايڪشن کي ڪليئر ڪرائڻ کانپوءِ پاڪستاني آف اسپنر سعيد اجمل جي گذرلي ڏينهن ۾ قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي بورڊ ان کي هلندڙ مهيني بنگلاديش دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ جو حصوبڻائي ورتو آهي هو  ”اذيت ناڪ“ دور مان نڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهي آءِ سي سي بالنگ ايڪشن کي غير قانوني قرار ڏئي ان تي گذريل سال آگسٽ ۾ پابندي مڙهي ڇڏي هئي هن اڳوڻي آف اپسنر ثقلين مشتاق جي نگراني هيٺ پنهنجي بالنگ ايڪشن کي تبديل ڪيو جنهن کانپوءِ هلندڙ سال فيبروري ۾ بائيومڪينڪ ٽيسٽ ٿي ايڪشن ۾ بهتري کانپوءِ ڪائونسل ان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي هڪ انٽرويو ۾ سعيد اجمل چيو ته  ڪيترن ئي مهينن تائين عالمي ڪرڪيٽ کان پري رهڻ ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو مان هاڻ ٽيم ۾ واپسي تي تمام گهڻو خوش آهيان بنگلاديش جي دوري لاءِ ٽنهي اسڪواڊز ۾ شامل اسپنر چيو ته  گذريل 8 مهينن تائين تڪليف برداشت ڪئي ۽ اهو منهنجي زندگي جو مشڪل ترين دور رهيو، پابندي سبب سعيد اجمل ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ به حصو نه وٺي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *