ڪينيا جي ٽيم پاڪستان اي جي خلاف پنج ون ڊي مئچن جي سيريز کيڏڻ کان پوءِ وطن واپس رواني

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪينيا جي ٽيم پاڪستان اي جي خلاف پنج ون ڊي مئچن جي سيريز کيڏڻ کان پوءِ وطن واپس رواني ٿي ويئي مهمان ٽيم کي پنهنجي دوري دوران وائٽ واش کي منهن ڏيڻو پيو گذريل ڏينهن ڪينيا جي ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي کان لاهور ايئرپورٽ آندو ويو مهمان ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيشلز وطن واپسي کان اڳ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو دورو نهايت خوشگوار هو لاهور ۾ قيام دوران سيڪيورٽي سميت ڪنهن طرح جي مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پيو. ٻين ملڪن جي ٽيمن کي به چونداسين ته اهي بنا خوف ۽ خطري جي دوري ڪن. رانديگرن ۽ آفيشلز جو چوڻ هو ته پاڪستان اي سان مقابلو تمام بهتر رهيو جنهن سان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *