ڪولمبو ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن بالرن جو راڄ، 15 وڪيٽون ڪري پيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تي مجموعي طور تي 15رانديگر آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ راند دلچس و مرحلي ۾ داخل ٿي وئي،ميچ جي ٽئين ڏينهن تي هندستان 292 رنسن  8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ سان پنهجي نامڪمل اننگ ٻيهر  شروع ڪئ ته سريلنڪا جي بالرن 20رنسن جو وڌارو ڪرڻ ڏنو 312 رنسن تي سڄي ٽيم پويلن هلي وئي،جواب ۾ سرينلڪا جي ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته صرف 47رنسن تي اڌ ٽيم واپس پويلين موٽي وئي 47 رنسن عيوض سريلنڪا 6وڪيٽون وڃائي ويٺي هئي پر ان موقعي تي ڪشال پريرا ۽ رنگنا هيراٿ بيٽنگ لائين کي سنڀاليو ۽ 79 رنسن جي پاٽنرشپ قائم ڪئي، ڪشال پريرا 55رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،جڏهن ته رنگنا هيراٿ آخري رانديگر تائين وڪيٽ تي ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 49 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي جڏهن ته ڌميڪا پرساد 27 رنسون ٺاهي سگهيو سريلنڪا جي پوري ٽيم 201 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، ڀارت پاران اشانت شرما 5وڪيٽون وٺي سڀني کان ڪامياب بالر رهيو جڏهن ته اميت مشرا ۽ اسٽوٽ بني 2.2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو،ڀارتي ٽيم پنهجي ٻي اننگ کيڏڻ ائي ته صرف 2رنسن عيوض ٻئي اوپنر آئوٽ ٿي ويا اڃا اسڪور 7رنسن تائين پهتو ته اجنڪا رهاني به نوان پراديپ جي بال تي واپسي جو رستو اختيار ڪيو،ٽئين ڏينهن ج يراند ختم ٿيڻ تائين ڀارت 21رنسن عيوض 3رانديگر آئوٽ ڪرائي چڪي هئي ٽين ٽيسٽ ۾ ڀارت کي سريلنڪا تي  مجموعي طور تي 132رنسن جي برتري حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *