ڪرڪيٽ کان ٻاهر هجڻ باوجود سعيد اجمل جي بادشاهت برقرار

دبئي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس ۾ رانديگرن ۽ ٽيمن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن جي مطابق 10 بهترين بيٽسمينن جي فهرست ۾ ڪوبه پاڪستاني بيٽسمين شامل ناهي جڏهن ته سعيد اجمل ڪرڪيٽ جي ميدانن کان پري هجڻ باوجود بهترين بالرن جي فهرست ۾ پهرين پوزيشن تي آهي 10 بهترين ٽيمن جي فهرست ۾ آسٽريليا 54 ميچن ۾ 120 ريٽنگ سان سڀ کان پهريان آهي جڏهن ته زمبابوي کان ڪاميابي جي باوجود قومي ٽيم ستين نمبر تي آهي  فهرست ۾ ڀارت ٻئين، ڏکڻ آفريڪا ٽئين، سريلنڪار چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، انگلينڊ ڇهين ۽ ويسٽ انڊيز اٺين نمبر تي آهي هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ قومي ٽيم جو ڪوبه رانديگرن 10 بهترين رانديگرن ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو ڏکڻ آفريڪا جو ڪپتان اي بي ڊويليئرز پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ويٺل آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو هاشم آملا ۽ سريلنڪا جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا 849 پوائنٽس سان گڏيل طور ٻئين مبر تي آهن ڀارت جو ويرات ڪوهلي چوٿين ۽ سريلنڪا جو تلڪارتني تدلشان پنجين نمبر تي آهي  قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق فهرست ۾ 13 نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *