ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين مڪمل طور فٽ ٿي ويندس آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ

آسٽريليا(اسپورٽس نيوز)انجري جي ور چڙهيل آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين مڪمل طور تي فٽ ٿي ويندو. ڪينگروز جي ٽيم جو ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ڀارت خلاف جاري چئن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ هيمسٽرنگ انجري جي ور چڙهي ويو هو، جنهن بعد سندس سرجري ڪئي وئي هئي. مائيڪل ڪلارڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو تيزي سان صيحتياب ٿي رهيو آهي. مائيڪل ڪلارڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين هو مڪمل فٽ ٿي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *