ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي ميلي ۾ باقي 28 ڏينهن، ڀارتي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي

ميلبورن/ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ميزباني هيٺ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع 14 فيبروريءَ کان شروع ٿيندو. ڀارت جي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ باقي 28 ڏينهن رهجي ويا آهن. تفصيل مطابق آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. ورلڊ ڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلنڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ورلڊ ڪپ ايونٽ ۾ سڄي دنيا مان ڪرڪيٽ جون 14 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ، جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروريءَ تي گروپ اي جي ٽيم مان سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۽ گروپ بي مان انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ ۾ 37 ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون، جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي ميزباني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ گڏيل طور تي ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *