ڪرس گيل کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 9 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 83 رنسون گهربل

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين ڪرس گيل کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 9 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 83 رنسون گهربل آهن، گيل اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ويسٽ انڊيز جو ٻيو ۽ دنيا جو 16هون بيٽسمين هوندو، ويسٽ انڊيز طرفان ون ڊي ميچن ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز برائن لارا کي آهي، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته هلندڙ ورلڊ ڪپ دوران اهو اعزاز گيل حاصل ڪري وٺندو، هن 10405 رنسون مڪمل ڪيون آهن، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي اعزاز ٽنڊولڪر وت آهي، جنهن 18426 رنسون مڪمل ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *