ڪرس گيل ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

پرٿ(اسپورٽس نيوز) جارح مزاج ويسٽ انڊين بيٽسمين ڪرس گيل عالمي مقابلن جي تاريخ ۾ هڪ ٽورنامينٽ دوران ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. گيل جاري ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو. هيڊن 2007ع ۾ منعقد ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 18 ڇڪا هنيا هئا. جمعي تي ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ ڀارت خلاف کيڏيل ميچ ۾ ڪرس گيل اوميش ياديو جي بال تي ڇڪو هڻي هڪ ٽورنامينٽ دوران ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. اهو گيل جو هلندڙ ٽورنامينٽ ۾ 18 هون ڇڪو هو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته گيل ساڳي ٽورنامينٽ دوران هڪ ميچ ۾ 16 ڇڪا هنيا هئا جڏهن ته باقي 4 ميچن ۾ هو رڳو 2 ڇڪا هڻڻ ۾ ڪامياب رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *