ڪرس گيل جي ڊبل سينچري، زمبابوي کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 373 رنسن جو هدف

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز زمبابوي کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 373 رنسن جو هدف ڏنو آهي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ جي خاص ڳالهه ڪرس گيل جي 215 رنسن جي تاريخي اننگ هئي جنهن ۾ هن 16 ڇڪا ۽ 10 چوڪا هنيا ڪرس گيل ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڊبل سينچري ٺاهڻ جو  اعزاز به حاصل ڪيو گيل اننگ جي آخري بال تي 215 رنسن جي انفرادي اسڪور تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ان کان اڳ ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڏي اننگ کيڏڻ جو  اعزاز ڏکڻ آفريڪا جي گيري ڪرسٽن وٽ هو ڪرسٽن 1996ع  جي ورلڊ ڪپ ۾ يو اي اي خلاف 188 رنسن جي اننگ کيڏي هئي ڪرس گيل پنهنجي هن اننگ دوران ون ڊي ڪيريئر جون 9 هزار رنسون به مڪمل ڪيون، گيل کان علاوه مارلن سيموئل سينچري اسڪور ڪندي 133 رنسون ٺاهيون ان جي اننگ ۾ 11 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا ان طرح ويسٽ انڊيز مقرر 50 اوورن ۾ ٻن وڪيتن جي نقصان تي 372 رنسون ٺاهي مخالف زمبابوي کي 373 رنسن جو هدف ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *