ڪرس گيل جو منفرد رڪارڊ، ٽي 20 ميچن ۾ 500 ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

بينگلور(اسپورٽس نيوز) جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ ويسٽ انڊيز ۽ رائل چئلينجرز بينگلور جو بيٽسمين ڪرس گيل ٽي 20 ميچن ۾ 500 ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ڪرس گيل آءِ پي ايل 8 راجستان رائلز خلاف ميچ ۾ اهڙو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو. ڪرس گيل راجستان رائلز خلاف ميچ ۾ ڪيريئر جا 500 ڇڪا مڪمل ڪيا. ان کان علاوه ڪيرن پولارڊ 348 ڇڪن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *