ڪرسٽيانو رونالڊو جو نيپال ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ پنج ملين يورو جو عطيو

کٽمنڊو(اسپورٽس نيوز): نيپال ۾ زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ عالمي شهريت رکندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنج ملين يورو جو وڏو عطيو ڏنو آهي، نيپال ۾ گذريل مهيني ايندڙ زلزلي ۾ اٺ هزار کان به وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، جنهن تي دنيا جي مختلف ملڪن، تنظيمن ۽ ادارن سان گڏو گڏ مشهور شخصيتن به امداد جو اعلان ڪيو هو، سماجي ڪمن جي لاءِ مشهور پرتگال جي شهري رانديگر آفاق نيپال ۾ ايندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪندي، متاثرن جي لاءِ پنج ملين يورو جي امداد جو اعلان ڪيو هو، ريال ميڊرڊ جي هيري زلزلي متاثر ٻارن جي خدمت ڪرڻ واري اداري “ سيو  دي چلڊرين ” کي هي رقم عطيو ڪئي، ان سانحي ۾ متاثر ماڻهن  جي مدد ڪرڻ جو اعلان رونالڊو پنهنجي هڪ ٽوئيٽ جي ذريعي ڪيو، جتي هن پنهنجن چاهيندڙن ۽ فالوورز کي به هدايت ڪئي ته نيپال زلزلي جي متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ عطيو ڏين، رونالڊو سماجي ڪمن جي لاءِ گهڻي شهريت رکي ٿو ۽ ان کان پهرين به ڪيترن ئي موقعن تي ان جو عملي مظاهرو ڪري چڪو آهي، گذريل سال هن ڊسپليشيا جو شڪار هڪ ڏهه سالا ٻار جي علاج جي لاءِ 60 هزار يورو جي رقم عطيو ڏني، هو عالمي اداري يونيسيف  سان گڏ به ڪم ڪري ٿو ۽ 2004ع ۾ هو سونامي کان بچي ويل هڪ اهڙي ٻار کي ڏسڻ لاءِ انڊونيشيا پهتو هو، جنهن پنهنجي شرٽ جي پويان ان جو نالو لکرايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *