ڪاميابي لاءِ هر رانديگر کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: مصباح الحق

کلنا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻ ۽ اسٽار بيٽسمين مصباح الحق چيو آهي ته سندس ٽيم بنگال ٽائيگرز کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته سندس ٽيم تجربي ڪار رانديگرن تي ٻڌل هڪ  مضبوط ٽيم آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ميچ جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هن چيو ته بنگلاديشکي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ هاڪاري سوچ ۽ جارحاني حڪمت عملي تحت ميدان ۾ لهندي، هن چيو ته ڪپتان طور منهنجي ڪارڪردگي تمام اهم هوندي، ٻئي پاسي بنگلاديشي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مشفيق الرحيم چيو آهي ته ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ تاريخي ڪاميابي کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ هاڻي رانديگر گرين شرٽس خلاف ٽيسٽ سيريز جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي بنگلاديش جي ٽيم سٺي راند کيڏي رهي آهي ۽ ان کي تجربي ڪار رانديگرن جون خدمتون حاصل آهن، هن چيو ته اسان جي ٽيم جو ڪمبي نيشن تمام سٺو ٿي ويو آهي ۽ اسان ڀرپور مقابلي لاءِ تيار آهيون ۽ ڪاميابي لاءِ هر رانديگر کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ (اڄ) اڱاري تي مقابلو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *