ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ اڄ کيڏي ويندي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ (اڄ) اربع ڏينهن بفالو پارڪ، ايسٽ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي ويسٽ انڊيز خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. پروٽيز پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 61 رنسن تان هارايو هو، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ 148 رنسن تان هارائي پنجن ميچن جي سيريز 0-2 جي مجموعي سرسي حاصل ڪئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 25 جنوريءَ تي سينٽ جارج پارڪ، پورٽ الزبٿ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 28 جنوريءَ تي سپر اسپورٽس پارڪ سينچورين ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *