ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي وومين ڪرڪيت ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن تي بڌل سيريز جي پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم سريلنڪا جو دورو ڪندي، جتي اها چئن ون ڊي ۽ 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 15 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي ميچ 17 آڪٽوبر، ٽين ون ڊي ميچ 19 آڪٽوبر، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ون ڊي 21 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي – 20 ميچ 23 آڪٽوبر، ٻئين 25 آڪٽوبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 26 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *