ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي. پروٽيز جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي مئچن جي سيريز کيڏندي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق ڏکڻ آفريقا جي ٽيم دوري جي شروعات 2 نومبر تي ڪرڪيٽ آسٽرليا اليون جي خلاف ٽوئر مئچ سان ڪندي. ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 5 نومبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل 7 نومبر تي ميلبورن جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي مئچ 9 نومبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 نومبر تي پرٿ ۾ ٻي ون ڊي 16 نومبر، ٽيون ون ڊي 19 نومبر، چوٿين 21 نومبر جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 23 نومبر تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *