ڊيوڊ ويزي ان فٽ سبب ڀارت خلاف ٽي- 20 سيريز مان ٻاهر

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر ڊيوڊ ويزي انجري سبب ڀارت خلاف ٽي -20 سيريز نه کيڏي سگهندو، ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق ڊيوڊ ويزي وارم اپ ميچ دوران ڪيچ پڪڙيندي هٿ ۾ ڌڪ سبب سيريز نه کيڏي سگهندو، جڏهن ته انجري کان بچڻ لاءِ ان کي سرجري ڪرائڻي پوندي، جنهن کان پوءِ ان کي مڪمل فٽ ٿيڻ لاءِ 6 هفتا لڳندا، ڏکڻ آفريقا ٽي – 20 ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي جو چوڻ آهي ته ڊيوڊ ويزي جو ان فٽ هجڻ ٽيم لاءِ نقصانڪار آهي، اميد آهي ته مورڪل ان جي ڪمي محسوس نه ٿيڻ ڏيندو، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي – 20 ميچ 2 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. برازيل جي حڪومت برازيليه سميت سمورن گادي وارن شهرن ۾ هر اڌ ڪلاڪ بعد هڪ شخص کي قتل ڪيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *