چيمپينز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ 6 ڊسمبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندي

نئين دهلي (اbrunettes blondes women soccer 1920x1200 wallpaper_www.wallpapername.com_32سپورٽس نيوز) چيمپينز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ 6 ڊسمبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندي، هاڪي جي ان ايونٽ ۾ گرين شرٽس کي گروپ اي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ بيلجيئم سان گڏ رکيو ويو آهي، تفصيل مطابق ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن (ايف آءِ ايڇ) هاڪي چيمپينز ٽرافي جي پولز ۽ ميچ شيڊول جو اعلان ڪيو آهي، 9 ڏينهن ج ايونٽ 6 ڊسمبر کان شروع ٿي 14 ڊسمبر تي ختم ٿيندو، جڏهن ته ان ايونٽ کي ڪامياب منعقد ڪرائڻ لاءِ ڀارت ۾ تياريون جاري آهن، عالمي چيمپين آسٽريلوي ٽيم ايونٽ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم کي گروپ اي ۾ دفاعي چيمپين آسٽريليا، ڪامن ويلٿ گيمز برونز ميڊلسٽ انگلينڊ ۽ يورو نيشنز سلور ميڊلسٽ بيلجيئم جڏهن ته گروپ بي ۾ ميزبان ڀارت، ارجنٽائن،هالينڊ ۽ جرمني شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *