چيمپئنز ليگ ٽي 20: لاهور لائينز ۽ چنائي سپر ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي مقابلو ٿيندو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) چيمپئنز ليگ ٽي 20 ۾ پاڪستاني قومي چيمپئن لاهور لائينز پنهنجو ٻيو گروپ ميچ (سڀاڻي) خميس ڏينهن آءِ پي ايل جي فرنچائز چنائي سپر ڪنگز جي خلاف کيڏي ويندي. لاهور لائينز پهرئين ميچ ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊر هٿان چئن وڪيٽن تان هارائجي وئي. لاهور جي ٽيم محمد حفيظ جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته چنائي جي ڪپتاني مهندرا سنگهه ڌوني ڪندو ۽ ٻنهي ٽيمن لاءِ اها ميچ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇو ته ٻئي ٽيمون پهرئين ميچ هارائي چڪيون آهن. لاهور لائينز ٽئين گروپ ميچ 27 سيپٽمبر تي ڏکڻ آفريڪا جي ڊولفنز جڏهن ته چوٿين ۽ آخري گروپ ميچ 30 سيپٽمبر تي آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز جي خلاف کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *