چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ انتظاميه جو اعلان 15 آڪٽوبر تي ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذريعن اي پي پيکي ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ لاهور ۾ ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ 32 رانديگرن شرڪت ڪئي. تربيتي ڪيمپ ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ 16 باصلاحيت رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي پر انهن جو باضابطا اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي ۽ هو توقع رکن ٿا ته ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *