ڀارت ۾ ٿيل چيمپئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ بالنگ ايڪشن شڪي رپورٽ ٿيڻ تي مان بلڪل به پريشان ناهيان؛ محمد حفيظ

Muhammad-Hafeezلاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني آل رائونڊر ۽ اوپنر محمد حفيظ چيو آهي ته ڀارت ۾ ٿيل چيمپئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ بالنگ ايڪشن شڪي رپورٽ ٿيڻ تي مان بلڪل به پريشان ناهيان، پر حيران ضرور آهيان ۽ پنهنجو ايڪشن نه بدلائيندس. گذريل مهيني آءِ سي سيءَ پهرين صف جي آف اسپنر سعيد اجمل تي پابندي مڙهي هئي ۽ ان صورتحال ۾ آسٽريليا خلاف 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ سيريز ۾ محمد حفيظ جي پاڪستاني ٽيم ۾ موجودگي تمام اهميت واري آهي، چيمپئنز ليگ ۾ شڪي ايڪشن رپورٽ ٿيڻ جو عالمي ڪرڪيٽ سان ڪو تعلق ناهي ان ڪري آف اسپنر هاڻي عالمي سطح تي امپائرن جي نظرن ۾ اچي سگھي ٿو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوچ وقار يونس چيو هو ته بالنگ ايڪشن شڪي رپورٽ ٿيڻ سان حفيظ جو اعتماد متاثر ٿيندو، ان سلسلي ۾ 33 ورهين جي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته ان سان ڪو فرق نه پوندو. دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي حفيظ چيو ته اهڙي عمل تي حيراني ٿي، مان گذريل 11 سالن کان ان ئي ايڪشن سان بالنگ ڪري رهيو آهيان، هن وڌيڪ چيو ته مون ڇهن اهم عالمي سطح جي مقابلن ۾ حصو ورتو آهي پر ڪنهن به منهنجي ايڪشن تي سوال ناهي اٿاريو، حفيظ ٻه ورلڊ ڪپ، هڪ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *