ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز کان شڪست، پاڪستاني ٽيم سخت پريشر ۾ اچي ويئي، پريڪٽس به منسوخ

برسبين (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي خلاف هڪٻئي پويان ٻن وين ناڪامين کان پوءِ سخت پريشن ۾ اچي ويئي سومر تي برسبين ۾ پهريان کان طئي ٿيل پريڪٽس نه ڪئي ۽ ان جي جڳهه مئنجمينٽ رانديگرن سان اهم ميٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پاڪستاني ٽيم آچر جي شام ڪرائسٽ چرچ ڱان برسبين پهتي هئي ۽ سومر جي صبح پهريون پريڪٽسيشن ڪرڻو هو بي بي سي مطابق پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ سفر ڪندڙ ميڊيا مئنيجر آغا اڪبر تصديق ڪئي ته سومر تي ٿيندڙ ٽيم پرئڪٽس ملتوي ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ان جو چوڻ هو ته رانديگر جمنازيم ۾ ايڪسرسائيز ڪري رهيا آهن ٽيم مئنجمينٽ رانديگرن سان اهم ميٽنگ ڪندي جنهن ۾ ٻن وڏين ناڪامين جا سبب معلوم ڪرڻ سميت آئينده جي مئچن لاءِ رانديگرن جا حوصلا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ انهن تي زور وڌو ويندو ته اهي ايندڙ مئچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين پاڪستاني ٽيم جي ايندڙ مئچ پهرين مارچ تي زمبابوي جي خلاف برسبين ۾ آهي ۽ ٽيم هاڻي وڌيڪ شڪست نٿي برداشت ڪري سگهي ڇو ته ان صورت ۾ ان کي وطن واپس اچڻو پوندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *