ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين هڪ ڏينهن واري ميچ سڀاڻي اڱاري تي ڪو وسکاپٽنم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن واري سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي.ڪوچي ۾ ٿيل پهرين ميچ ۾ مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز 124 رنسن جي وڏي مارجن تان فتح ماڻي هئي، پر دهلي ۾ ڀارتي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي 48 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 17 آڪٽوبر تي ڌرم شالا ۽ پنجين ۽ آخري ون ڊي 20 آڪٽوبر تي ايڊن گارڊن ڪلڪتي ۾ کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *