ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ وارم اپ ميچ (سڀاڻي) کيڏي ويندي

نئين دهلي (اسورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ م وارم اپ ميچ (سڀاڻي) جمعي تي کيڏي ويندي. جنهن کان پوءِ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ پنجن انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ 2 نومبر تي ڪٽاڪ، ٻي ميچ 6 نومبر تي احمد آباد، ٽين ميچ 9 نومبر تي حيدرآباد، چوٿين ميچ 13 نومبر تي ڪلڪته جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 16 نومبر تي رانچي ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم لاءِ هڪ اها خبر پئي ته فاسٽ بالر محمد شامي فٽنس مسئلي سبب سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي جڏهن ته ان جي جاءِ فاسٽ بالر دوال ڪلڪرني کي ٽيم ۾ شامل ڪيو وي آهي. ڪلڪرني ڀارت طرفان هڪ ون ڊي ميچ کيڏندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *