ڀارت پنهنجي ٻي اننگ ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهي ورتيون

ڪولمو(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم سري لنڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگ ۾ 157 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.ڀارت پنهنجي ٻي اننگ ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ وقت ڀارت جو ٻي اننگ ۾ اسڪور هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 70 رنسون هيون. مرلي وجي 39 ۽ اجنڪا راهاني 28 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ان کان اڳ ڀارت جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾ 393 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 306 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *