ڀارت ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جو اعلان

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي لاءِ شروعات اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 2011ع ۾ عالمي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ يووراج سنگهه سميت سهواگ، گنڀير، ظهير خان ۽ هربجن سنگهه جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. 2011ع جي عالمي ڪپ کٽڻ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فقط چئن رانديگرن ايم ايس ڌوني، ڪوهلي، رائنا ۽ ايشون کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. امڪاني رانديگرن ۾ ايم ايس ڌوني، ويرات ڪوهلي، سريش رائنا، ورهت شرما، اجنڪيا راهني، روبن اوٿاپا، امبائي رائيڊو، ڪيدريا دائو، منوج تيواري، منيش پانڊي، وريدرمن ساها، سنجو سيمپسن، آر ايشون، پرويز رسل، ڪرن شرما، اميت مشرا، رويندرا جڊيجا، اڪشر پٽيل، اشانت شرما، ڀنشور ڪمار، محمد شامي، اوميش يادوا، وارن ايرن، ڌاول ڪلڪرني، اسٽورٽ بني، موهت شرما، آشوڪ وندا، ڪلديپ يادوو ۽ مرالي وجي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *