ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) ٿيندو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) اڱاري ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ بورڊ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ بعد ساليا ني اجلاس کي به ملتوي ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، اهو تڪرار جمعي ڏينهن سپريم ڪورٽ جي طرفان آيل فيصلي بعد پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ بورڊ جي معطل صدر ۽ آءِ سي سي جي چيئرمين اين سري نواسن کي آءِ پي ايل ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نواسن ٻيهر چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پيدا ٿيل اهڙي صورتحال ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ورڪنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾ بورڊ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ سوڌو بورڊ جو ساليانو جنرل اجلاس به ملتوي ڪرڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *