ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي هلندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو

muhamaad shamiڪوچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد شامي هلندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي، محمد شامي ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري سريلنڪا جي فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪوچي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ محمد شامي 2 وڪيٽون وٺي لاسٽ ملنگا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، هو ويسٽ انڊيز جي چئن رانديگرن کي واپس پويلين جي راهه ڏيکاري وڌيڪ وٺندڙن جي فهرست ۾ اڳيان اچي ويو آهي، شامي 14 ميچن ۾ 32 وڪيٽون ورتيون آهن، ملنگا 29 وڪيٽن سان ٻئين نمبر ۽ اجنٿا مينڊس 25 وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *