ڀارتي اسپنر روي چندرن اشون ٽريننگ سيشن دوران بال هٿ ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسپنر روي چندرن اشون ٽريننگ سيشن دوران بال هٿ ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، اشون نيٽ پريڪٽس ۾ بيٽنگ ڪري رهيو هو ته فاسٽ بالر اميش يادو جو تاز بال سندس هٿ ۾ لڳو ۽ هو فوري طور نيٽ ڇڏي هليو ويو ڀارتي ٽيم انتظاميه مطابق اشون جي انجري سنجيده نوعيت جي ناهي اشون پاڪستان خلاف ميچ ۾ 3 ميدن اوور ڪرايا هئا ۽ ٽيم جي ڪاميابي لاءِ آساني پيدا ڪئي، ڀارت پنهنجي ايندڙ ميچ آچر تي ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *